سکر(رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ مڪاني چونڊن بابت داخل درخواستن جي ٻڌڻي، عدالت اليڪشن ڪميشن طرفان داخل ڪرايل جواب غير تسلي بخش قرار ڏيندي سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ چيو ته اوھان جي نااھليءَ سبب معاملا خراب ٿي رھيا آھن، مسئلا قانون موجب حل نه ڪيا ويا ته اليڪشن ملتوي ڪرڻي پوندي. سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر جي جسٽس محمد جنيد غفار ۽ جسٽس ذوالفقار علي سانگيءَ تي مشتمل ٻه رڪني بئنچ تڪ بندين سميت ٻين معاملن متعلق شھرين طرفان داخل ڪرايل 38 درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي حڪم تي ريجنل اليڪشن ڪمشنر عدالت ۾ پيش ٿي جواب داخل ڪرايو. عدالت جمع ڪرايل رپورٽ کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي اليڪشن ڪميشن مٿان سخت ڪاوڙ جو اظھار ڪيو. جسٽس محمد جنيد غفار رمارڪس ڏيندي چيو ته اوهان جي نااهلي سبب معاملا خراب ٿي رهيا آهن، جيڪڏھن توھان مسئلا حل ڪريو ھا ته اها نوبت نه اچي ھا. جيڪڏھن مسئلا قانون موجب حل نه ڪيا ويا ته اليڪشن ملتوي ڪرڻ پوندي. اليڪشن ڪميشن عدالت حڪم کي به نظرانداز ڪيو آهي. عدالت 6 مھينا اڳ بلدياتي اليڪشن ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ھو، جنھن تي عمل ڇو نه ڪيو ويو. ان تي ريجنل اليڪشن ڪميشنر عدالت کي ٻڌايو ته اِن جو جواب اليڪشن ڪميشن ئي ڏئي سگھي ٿي. جسٽس محمد جنيد غفار رمارڪس ڏنا ته جن ماڻهن اعتراض جمع ڪرايا، اهي ڪهڙي بنياد تي ختم ڪيا ويا. توھان جي فيصلن ۾ ڪوبه جواز نه ڄاڻايو ويو آهي، اِن جو ڇا مطلب ٿيو؟ جنھن تي ريجنل اليڪشن ڪمشنر اعتراف ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته ڪم گهڻو هجڻ ڪري معاملا صحيح نموني سان ڏسي نه سگهيا آهيون. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل عدالت کي مهلت جي درخواست ڪئي، جنھن تي جسٽس محمد جنيد غفار رمارڪس ڏيندي ته اوهان پهريان به وقت وٺي چڪا آهيو. مڪاني چونڊن ۾ وقت ٿورو بچيو آهي، ھاڻي صرف ٻن ڏينهن جي مهلت ڏيون ٿا، تفصيلي جواب جمع ڪرايو وڃي، جيڪڏھن مڪمل جواب پيش نه ڪيو ويو ته اليڪشن 6 مھينن لاءِ ملتوي ڪري سگھون ٿا ۽ جيڪڏھن ٻيهر وقت گهريو ويو ته پوءِ آگسٽ مهيني جي تاريخ ڏئي سگھون ٿا. ان بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي  26 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.