ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گاڏي تي لنڊي جا جوتا وڪڻندڙ پورهيت ٽارگيٽ بڻائي قتل، ناظم آباد  جي قبا مسجد وٽ نامعلوم هٿيار بندن پورهيت 28 ورهين جي ستار کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب ستار کي 6 کان 7 گوليون هنيون ويون، جنهن سبب هن موقعي تي ئي دم ڏنو. پوليس موجب مقتول ڪوئيٽا جو رهواسي هو، ريڙهي تي لنڊي جا ڪپڙا وڪڻندو هو، کيس ٽارگيٽ بڻائي قتل ڪيو ويو، امڪان آهن مقتول کي ذاتي دشمني جي بنياد تي قتل ڪيو ويو،