جيڪب آباد (رپورٽر) هندو پنچائت صدر لال چند سيتلاڻي کي پوليس پاران کنڀي تذليل ڪرڻ واري معاملي کان پوءِ برطرف اهلڪارن ۾ ڳجهه ڳوهه ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي. ذريعن کان معلوم  ٿيو آهي ته برطرف اڳوڻن ٻن سب انسپيڪٽر علي حسن مهر، عبدالجهانگير مٺياڻي، ڊي آءِ بي انچارج انور شاهه ۽ پوليس ڪانسٽيبل عمرالدين بنگلاڻي هندو پنچائت صدر لال چند سيتلاڻي ڏانهن ميڙ کڻي پهتا ۽ دڪان مان کنيل 18 لک به واپس ڏنا ويا آهن، جڏهن ته هندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي جي گرفتاري دوران هلندڙ تحريڪ ۾ مٿين ڄاڻايل برطرف اهلڪارن پاران پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ ۽ واپاري نور محمد منجهو جي ڦٽاڪن جي دڪان تي ڇاپو هڻي دڪان ۾ پيل 50 لک روپين جو سامان کڻي ويا هئا جنهن بعد واپارين جي گڏيل تحريڪ ۾ چار ئي پوليس اهلڪار برطرف ٿي ويا هئا جڏهن ته ٻه ڏينهن اڳ برطرف اهلڪارن پاران پنچائتي هال ۾ ميڙ کڻي اچڻ جو معاملو طئي ٿيل هو پنچائتي هال ۾ چيمبر آف ڪامرس جو صدر احمد علي بروهي،پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ نديم احمد قريشي، نور محمد منجهو، عبدالحئي سومرو، منظور پنهور، گل حسن ٽالاڻي، سميت ٻيا واپاري وڏي انگ ۾ موجود هئا جتي اهو لائحه عمل جوڙيو ويو هو ته واپاري نور محمد منجهو جو معاملو انهن جي سامهون رکي ازالو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو، اھڙي خبر پوڻ تي برطرف ٿيل پوليس اهلڪار ميڙ کڻي نه پهتا جڏهن ته گذريل رات ڳجهه ڳوهه ۾ پنچائتي صدر کي 18 لک روپيا ڏئي راضي ڪيو ويو آهي.ان سلسلي ۾ پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ نديم قريشي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته هندو پنچائت صدر لال چند سيتلاڻي اسان واپارين سان دوکو ڪري رات جي پيٽ ۾ برطرف پوليس اهلڪارن کان 18 لک وٺي ٺاهه ڪري ڇڏيو آهي جيڪا سراسر غلط آهي هن چيو ته اسان سان واپاري گڏ آهن برطرف پوليس اهلڪارن واپاري نور محمد منجهو جي دڪان تان 50 لک جو سامان کڻي ويا هئا جنهن بابت چيمبر آف ڪامرس جي صدر احمد علي بروهي کي به ڄاڻ آهي هن چيو ته هندو پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي تي تشدد واري معاملي ۾ پ پ شھيد ڀٽو جا ڪارڪن اڳڀرا رهيا هئا اسان جي ڪارڪنن کي معاشي نقصان پهچايو ويو پر اسان پوئتي ڪونه هٽياسين پر هاڻي اسان سان دوکو ڪري ٺاھه ڪيو ويو آهي جيڪو ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو .برطرف پوليس اهلڪارن جي واپارين جو وفد ٺاهي نئين سر جاچ ڪندڙ آفيسر ايس ايس پي لاڙڪاڻو سرفراز نواز شيخ سان ملاقات ڪري آگاهي ڏينداسين ۽ تحريڪ جو به پڻ اعلان ڪيو ويندو، ان سلسلي ۾ پنچائت جي صدر لال چند سيتلاڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته برطرف ٿيل پوليس اهلڪار رات جي وقت مون سان مليا آهن پر انهن سان ٺاهه ناهي ڪيو، برطرف پوليس اهلڪارن کي آچر ڏهاڙي تي پنچائتي هال ۾ ميڙ کڻي اچڻ لاءِ چيو ويو آهي. واضح رهي ته 10 مهينا اڳ اڳوڻي ايس ايس پي جيڪب آباد شمائل رياض ملڪ جي حڪم تي لال چند سيتلاڻي کي پٽ سميت کنڀي تشدد ڪيو ويو هو جنهن معاملي تي احتجاجي تحريڪ شروع ٿيڻ کانپوءِ آءِ جي سنڌ مٿين اهلڪارن کي نوڪرين تان برطرف ڪري ڇڏيو هو.