ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سپر هاءِ وي تي تيز رفتار ڊمپر 3 پورهيتن کي چيڀاٽي ڇڏيو:  2 دم ڏنو، هڪ زخمي، ان ڏس ۾ ڪراچي سائيٽ سپر هاءِ وي تي 3 پورهيت موٽرسائيڪل تي سبزي منڊي کان گهر وڃي رهيا هئا  ته پويان کان ايندڙ تيز رفتار ڊمپر کين چيڀاٽي ڇڏيو ، 2 پورهيتن نوجوان راجا ۽ راحب ٿڏي تي دم ڏنو ، جڏهن ته هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب حادثو ڊمپر جي تيز رفتاري سبب پيش آيو، فوتي نوجوان راجا ۽ راحب سبزي منڊي ۾ گدام تي ڪم ڪندا هئا، 14 ورهين جو راحب سائيٽ سپر هاءِ وي جو رهواسي ۽ ٽن ڀائرن ۾ ٻيو نمبر هو، جڏهن ته ميرپور خاص واسي راجا اٺن ڀائرن ۾ ٽيون نمبر هو، وارثن جو چوڻ آهي ته راجا پنهنجي پيءُ سان گڏ گدام ۾ رهندو هو، جڏهن ته حادثي ۾ زخمي ٿيل نوجوان راجا جو ڀاءُ آهي، حادثي بعد ڊمپر ڊرائيور فرار ٿي ويو، پوليس ڊمپر کي تحويل ۾ ورتو هو