اڏيرولال (ن پ ا)  پ پ ايم اين اي مخدوم جميل زمان جي ڪوآرڊينيٽر سيد ممتاز شاهه جي سوشل ميڊيا تي ويڊيو وائر ٿي وئي آهي، جنهن ۾ هوءَ يونين ڪائونسل اڏيرولال اسٽيشن تان پ پ جي نامزد ٿيل اميدوار عزت علي برهماڻي کي هارائڻ لاءِ يوسي جي مختلف علائقن ۾ پهچي پ پ جي ووٽرن کي اُهي هدايتون جاري رهيو آهي ته اوهان جو اُميدوار ۽ چيئرمين آصف ڇٽو آهي، جنهن ڪري اوهان اليڪشن واري ڏينهن آزاد اميدوار جنهن جو نشان ڍڳو آهي ان تي ٺپا هڻي ان کي ڪامياب ڪرائڻو. اهڙي ويڊيو وائرل ٿيڻ بعد  پ پ مٽياري جي ضلعي قيادت طرفان  اڃان تائين ڪوبه ردعمل نه اچي سگهيو آهي.  هوڏانهن يوسي اڏيرولال اسٽيشن مان پ پ پ پاران نامزد ٿيل اميدوار يوسي چيئرمين لاءِ اميدوار عزت علي برهماڻي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو  ته افسوس جو مقام آهي ته مخدوم جميل الزمان جو ڪوآرڊينيٽر سيد ممتاز علي شاهه ڪارنر گڏجاڻين ۾ مون خلاف نه پر پيپلز پارٽي خلاف سازشون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته مون کي پ پ پ نامزد ڪيو آهي، پر هڪ پ پ پ جو جيالو پنهنجي ئي پارٽي لاءِ کڏون کوٽي رهيو آهي. هن چيو ته اهڙي عمل خلاف پ پ  قيادت نوٽيس وٺي.