ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد ۾ 3 مهينا اڳ بيدردي سان قتل ٿيل 2 سڳن ڀائرن اسلم لنجواڻي ۽ خان محمد لنجواڻي جي ڪيس ۾ گهربل ٻن مک جوابدارن مصري مري ۽ نبي بخش مري جي گرفتاري لاءِ لنجواڻي برادري جي ماڻھن ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي شھر جي انٽري گيٽ وٽ ٽائرن کي باھيون ڏئي 5 ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي ھدايت الله، صديق، نظر محمد لنجواڻي، نديم ڀرڳڙي، جميل ڌونڪائي ۽ ٻين چيو ته ٻن ڀائرن کي بيگناهه قتل ڪندڙ جوابدارن کي پوليس گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي، هنن چيو ته پوليس ڪيس ۾ ڪا به اڳڀرائي ناهي ڪئي ۽ هٿ تي هٿ رکي ويهي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي، 5 ڪلاڪن بعد ڊي ايس پي ڊگھڙي آفتاب ٽالپر، پ پ اڳواڻ محمد رفيق ڀرڳڙي مظاھرين وٽ پھچي جوابدار 15 ڏينھن اندر گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.