باھو کوسو(ن پ ا) آر ڊي 44 ٿاڻي جي پوليس ڪشمور ضلعي جي ڀٽائي ڪالوني ٿاڻي جي حد ڳوٺ حيات سندراڻي مان نوجوان کي گرفتار ڪري آزادي لاءِ مبينا رشوت گھريپوليس ھڪ ٻئي جوان کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته رند برادري جي لٺ برادرن پوليس موبائل کي گھيري ايس ايچ او آر ڊي 44 چاڪر عيساڻي ۽ پوليس اھلڪارن کي 4 ڪلاڪن تائين يرغمال بڻائي رکيو، پوليس تر جي ھڪ بااثر جي مداخلت تي گرفتار نوجوان کي آزاد ڪيو ته ڳوٺاڻن يرغمال پوليس اھلڪارن کي بعد ۾ آزاد ڪيو. پوليس اھلڪارن جي اھڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي، ڳوٺاڻن موجب اسان جو زمين تي ھڪ قبيلي سان جھيڙو ھلندڙ آھي پوليس ان بااثر جي چوڻ تي اسان جي نوجوان کي گرفتار ڪري 25 ھزار رشوت گھرڻ بعد پوليس ٻيھر ڳوٺ تي چڙھائي ڪري ھڪ ٻئي نوجوان کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش تي پوليس کي يرغمال ڪري پنھنجي گرفتار نوجوان جي آزادي بعد پوليس اھلڪارن کي ايس ايڇ او سميت آزاد ڪيو آھي. آر ڊي 44 پوليس موجب اسان ڪنھن به نوجوان کي نه گرفتار ڪيو آھي ۽ نه ئي ڳوٺاڻن اسان کي يرغمال بڻايو آھي.