ڪراچي: سمنڊ ۾ ڦاٿل 12 ملاحن جون حياتيون بچايون ويون

0
364

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان ميري ٽائيم ايجنسي سمنڊ ۾ ڦاٿل 12 ملاحن جون حياتيون بچائي ورتيون، ان سلسلي ۾ ميري ٽائيم جو چوڻ آهي ته ميري ٽائيم سڪيورٽي ايجنسي جي گشت ڪندڙ جهاز ايمرجنسي ڪال اٽين ڪئي، ڪراچي مان مڇي مارڻ لاءِ سمنڊ ۾ ويل 12 ملاح مشينري خراب ٿيڻ ڪري سمنڊ ۾ ڦاسي پيا هئا، ملاحن کي ريسڪيو ڪري ڪناري تي پهچايو ويو آهي.