ٺٽو: ڇتي ڪتي ڏاڙهيل نوجوان ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت

0
497

ٺٽو (ن پ ا) ٺٽي شهر جي پاڙي بخاري جو ڇتي ڪتي جو ڏاڙهيل رهواسي نوجوان روشن ملاح ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج دوران فوت ٿي ويو، ميونسپل ڪاميٽي جي ملازم رمضان ملاح جي 23 سالن جي نوجوان پٽ روشن ملاح کي 10 ڏينهن اڳ شهر جي بخاري پاڙي ۾ ڇتي ڪتي اک واري حصي ۾ ڏاڙهيو هو، ڇتي ڪتي چڪيل نوجوان کي ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو ، 10 ڏينهن بعد اسپتال ۾ فوت ٿي ويو ، نوجوان جو لاش ٺٽي گھر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.