ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مشھور واپاري فواد سليم ملڪ جي پٽ ارسلان لڪ خودڪشي ڪري ڇڏي، ارسلان ملڪ ڪياماڙي جي لالازار واري علائقي مان 2 ڏينھن اڳ زخمي حالت ۾ مليو ھو. پوليس موجب ارسلان جي ڪار مان گولي جو ھڪ خول مليو ھو، نوجوان نجي اسپتال جي آئي سي يو ۾ داخل ھو، جتي ھن دم ڏئي ڇڏيو. پوليس موجب نوجوان ذھني دٻاء جو شڪار ھو، ڪار ۽ پستول ارسلان جا پنھنجا ھئا. ھوڏانھن نوجوان جي جنازي نماز ڊفينس فيز 8 ۾ ادا ڪئي وئي.