والاريل القدس(م ڊ) اسرائيلي فورسز مسجد اقصيٰ تي حملو ڪري ٻن فلسطينين کي شهيد ۽ سوين نمازين کي زخمي ڪري ڇڏيو، 17 فوجي به زخمي ٿيا آهن. جڏهن ته عالمي برادري اسرائيل تي يروشلم ويجهو فلسطيني آبادي خالي ڪرائڻ ۽ مسجد اقصيٰ مان فورسز واپس گهرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌائي ڇڏيو آهي. مليل اطلاعن موجب اوڀر يروشلم ۾ فلسطينين کي لڏائي انتهاپسند يهودين کي آباد ڪرڻ لاءِ وسندي ٺاهڻ واري فيصلي بعد شروع ٿيل چڪرين ۾ اضافو ٿي ويو آهي ۽ اسرائيلي فوج مسجد اقصيٰ تي حملو ڪري گنبذ صخريٰ وٽ ماڻهن تي فائرنگ ڪئي ۽ رٻڙ جون گوليون وسايون. فلسطينين جواب ۾ پٿراءُ ڪيو جنهن ۾ 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ 205 کان وڌيڪ فلسطيني زخمي ٿي پيا. 17 اسرائيلي اهلڪار به زخمي ٿيا آهن. ان عمل خلاف ڪالهه ٻئي ڏينهن به احتجاج ڪيو ويو. ڪيترن ئي فلسطينين کي گرفتار ڪرڻ جا به اطلاع آهن. ٻئي طرف فنانشل ٽائمز جي رپورٽ موجب اسرائيل تي الاقصيٰ مسجد ۽ يهودي وسندي اڏڻ لاءِ قبضو ڪيل علائقو خالي ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌي ويو آهي. ترڪي ان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ان کي دهشتگردي سڏيو آهي. آمريڪا جي پرڏيهي کاتي بيان ۾ چيو آهي ته اهڙا قدم کڻڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي جنهن سان امن کان پري ٿي وڃون. اسان کي وڌندڙ ڇڪتاڻ تي سخت ڳڻتي آهي.