ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ه پيپلز پارٽي جو منشور عوام جي خدمت ڪرڻ آهي ۽ اسين عوام جي ڀلائي جي لاءِ اسان ڪاوشون ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر نه ڇڏينداسين. ڪيماڙي ۾ آر او پلانٽ لڳائڻ واري تقريب خطاب ڪندي مرتضيٰ وهاب   چيو ته ڪياماڙي واري علائقي ۾ کارو پاڻي آهي جنهن کي مٺي پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ پلانٽ لڳايو ويو آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسڪول جي شاگردن ۽ علائقي واسين لاءِ بهتر قدم کنيو ويو آهي ۽ هن اسڪول ۽ هن جي چوڌاري جلد ٻوٽا پوکيا ويندا. هن چيو ته اسين پنهنجي شهر، صوبي ۽ ملڪ کي سرسبز ۽ خوشحال ڏسڻ چاهيون ٿا. حڪومت فلاحي ادارا، پاڪ نيوي گڏجي ڪم ڪندا سين ته ملڪ ۽ قوم جي بهتر خدمت ٿي سگهندي.