ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ حڪومت کي ورلڊ بينڪ جي ڪراچي لاءِ ترقياتي پراجيڪٽ ڪلڪ جا وڌيڪ ٺيڪا ڏيڻ کان روڪي ڇڏيو،  لاڳاپيل ڌرين کان هڪ هفتي ۾ جاري ٿيل ٽينڊرن ۽ ڪم جا تفصيل گهري ورتا، ان ڏس ۾ ڪراچي جي انفراسٽرڪچر لاءِ ورلڊ بئنڪ ۽ سنڌ حڪومت پاران ٽن ارب رپين  جي لاڳت سان شروع ڪيل ڪلڪ رٿا خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران عدالت چيو ته جن منصوبن لاءِ پهرين  ٽينڊر جاري ڪيا ويا، انهن جو جائزو وٺي سگهجي ٿو، عدالت لاڳاپيل ڌرين کان هر ٽينڊر جي قيمت ۽ ڪم جي نوعيت جا تفصيل گهري ورتا، ان موقعي تي ڪي ايم سي جي وڪيل عدالت کي چيو ته ايڏا تفصيل فراهم ڪرڻ لاءِ  گهڻو وقت ڏنو وڃي، جنهن تي عدالت چيو ته معاملو اهم نوعيت جو آهي، هڪ هفتي کان وڌيڪ وقت ڏئي نٿو سگهجي، عدالت وڌيڪ ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، درخواست گذار محمد رميز درخواست ۾ سنڌ حڪومت، ڪي ايم سي، ايم ڊي سيپرا ۽ ٻين کي ڌر بڻايو آهي.