لاهور (م ڊ) پاڪستان ۾ مقرر برطانوي هاءِ ڪمشنر ڪرسچن ٽرنر ۽ پي سي بي چيئرمين رميز راجا تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان سان ملاقات ڪري سندس عيادت ڪئي. زمان پارڪ لاهور ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، عمران خان کي ٻڌايو ويو ته انگلش ٽيم 17 ورهين کانپوءِ 27 نومبر تي اسلام آباد پهچندي ۽ راولپنڊي ۾ پهرين ٽيسٽ پهرين ڊسمبر کان شيڊيول آهي. تحريڪ انصاف چيئرمين پنهنجي لانگ مارچ ۽ 26 نومبر جي احتجاج سبب راولپنڊي ٽيسٽ متاثر نه ٿيڻ جي خاطري ڪرائي ۽ چيو ته توهان پنهنجون تياريون جاري رکو، اسان جي تحريڪ سان پنڊي ٽيسٽ کي ڪو نقصان نه ٿيندو.