ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ايئرپورٽ تي 2 جهازن سان 2 پکي ٽڪرائجي ويا، ان ڏس ۾ قطر ايئر جي دوها کان ڪراچي آيل اڏام قيو آر 610 لينڊنگ ايپروچ تي هئي ته ائير بس  اي 320 جي انجڻ سان پکي ٽڪرائجي ويو، انهي اڏام ۾ 150 مسافر هئا، جڏهن ته سکر _ ڪراچي  روٽ جي پي آءِ اي جي جهاز  پي ڪي 537 ( اي ٽي آر) سان  به پکي  ٽڪرائجي ويو، ٻنهي واقعن ۾ جهاز ۽ مسافر محفوظ  رهيا