چڪ (رپورٽ: آزاد انور مهر) چڪ ڀرسان 2 معصوم ٻارڙا  زھريلي دوا پيئڻ سبب تڙپي تڙپي فوت،  ان ڏس ۾ ڳوٺ جاڙو انڍڙ ۾ ٻن معصوم ٻارڙن 8 ورھين جي ذيشان علي انڍڙ ۽ سندس جي ڀيڻ 6 سالا پروين ڌيءُ  عبدالڪريم انڍڙ گھر اندر زھريلي دوا پي ڇڏي، جنهن سبب ٻارڙا تڙپندا رهيا، بعد ۾ وارثن پهچي  ٻنھي معصومن کي بيھوشي واري حالت ۾ کڻي لکي غلام شاهه اسپتال پهچايو، جتي   ڊاڪٽرن پاران ٻنهي ڀاءُ  ڀيڻ جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻنهي ڀاءُ ڀيڻ جا مڙهه گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو، ٻي طرف  فوتي ٻارن جي والد عبدالڪريم انڍڙ ٻڌايو ته واقعو غفلت سبب پيش آيو، 2 ڏينھن کان ڪوئا مار دوا گھر ۾ آندل ھئي، جيڪا معصوم ٻارڙن کي راند ڪندي ھٿ آئي ھنن استعمال ڪئي، ته ٻئي فوت ٿي ويا.