ڪراچي ايئرپورٽ تان جعلي ويزائن تي ترڪي ويندڙ 3 ڄڻا گرفتار

0
448

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ايف آءِ اي اميگريشن جي ڪراچي ايئرپورٽ تي ڪارروائي، جعلي ويزائن تي ترڪي ويندڙ 3 جوابدار گرفتار، ايف آءِ اي جو چوڻ آھي تھ جوابدارن جعلي ويزائن جي لاءِ ايجنٽن کي ڏيڍ کان ساڍا 3 لک رپيا ادا ڪيا هئا، جعلي ويزا تي ٽئي ڄڻا ترڪي وڃڻ چاھين پيا، شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آھي تھ گرفتار جوابدار جعلي ويزائن جي عيوض ايجنٽ کي ڏيڍ کان ٽي رک رپيا ادا ڪيا ھئا. ٽنھي جو واسطو فيصل آباد سان آھن.