اغوائن جون وارداتون ۽ ڌاڙيلن سان ڊيل جو ڪاروبار

0
266
“مسئلا گھر بڻيل” سول اسپتال ڪراچي ۽ سرڪار جون دعوائون!!

آزاد انور مهر چڪ مان لکي ٿو

اتر سنڌ جي ٻهراڙين توڙي شهري علائقن ۾ ڌاڙيلن ۽ ڏوهارين جي سفاڪ ڪاررواين کان ڪا محفوظ پناهه ڇو ناهي؟
اهو سوال سنڌ جي اترين علائقن جي عام ماڻهن جي ذهنن ۾ ان وقت اٿندو آهي جڏهن ڌاڙيل يارن جي باهه ٻارن مان ڪڍڻ واري چوڻي وانگر پوليس توڙي وڏيرن سميت دنيا جهان جي زيادتين جي بدلي عام مسڪين ماڻهن کي پنهنجي عتاب جو نشانو بڻائيندا آهن.
جيتوڻيڪ سنڌ ۾ ڀنگ لاءِ ماڻهو اغوا ڪرڻ وارو مامرو نئون ناهي پر جتي اغوائن جي وارداتن ۾ ڳڻتي جوڳي حد تائين اضافو ٿي ويو آهي. انهن لاءِ ته ڌاڙيلن جي بي رحم ڪاررواين جا ڪيترائي مثال ڏئي سگهجن ٿا پر تازو شڪارپور ضلعي مان 15 ڏينهن دوران چڪ جي ٻن ڳوٺاڻن فريدآباد واسي مسڪين هاري سونهاري پهوڙ ۽ ڀرڪڻ واسي حافظ محمد طاهر ميئو سميت لکي غلام شاھه ڀرسان سکر لاڙڪاڻو روڊ تان ٺل واسي سيپڪو جو اڳوڻو ڊويزنل اڪائوٽنٽ آفيسر عبدالمجيد سرڪي ۽ خانپور ٿاڻي جي حد مان پوليس وردي پھريل هٿياربندن پاران 6 ڄڻا اغوا بعد ٻن کي ڇڏي 4 ڄڻن عمران گولو، واجد سيٺار، عابد گولو ۽ اساما سيٺار کي اغوا ڪيو يو آهي ، جڏهن ته هٿياربند ٻن ڄڻن اعجاز لهر ۽ معذور زاهد سيٺار کي رستي ۾ ڇڏي ويا ھئا. 6 مغوي اڃان بازياب نه ٿي سگهيا آهن. صرف شڪارپور ضلعي مان 15 ڏينهن ڏينهن دوارن 10 ڄڻا اغوا ٿي چڪا آهن. باقي سنڌ جي صورتحال ڪا تسلي بخش ناهي. “پنهنجي اخبار” پاران گڏ ڪيل تفصيلي انگ اکرن موجب سال 2021ع جي شروعاتي 4 مهينن دوران 61 ماڻهو اغوا ڪيا ويا آهن. جن مان اڪثر مغوين جي بازيابي ڀنگ ڀري وري راڄوڻي ڪوششن جي نتيجي ۾ ٿي آهي جنهن جو وڏو سبب پوليس جي لاچاري آهي جنهن ڪري ئي هاڻي مغوين جا وارث قانون جو در کڙڪائڻ بجاءِ راڄوڻي وسيلي بازيابي پاڪ ڪتاب يا ڪنهن پاٿاريدار وڏيري جي اوطاقن جو سهارو وٺن ٿا اها ئي خرابي آهي جيڪا سنڌ ۾ قانون جي بالادستي واري معاملي کي ڪمزور بڻائي ٿي. اغوائن جي وارداتن ۾ آيل تيزيءَ سبب اتر سنڌ جي ڪيترن ئي علائقن جي رهواسين جو ساهه بدستور مٺ ۾ آهي، جڏهن ته ڌاڙيلن جي چنبي ۾ قيد مغوي آزادي جي راهه تڪي رهيا آهن. وڏن شهرن ۾ رهندڙ وڏن ماڻهن کي ڀلي ان خوف جو اندازو نه هجي جنهن خوف ۾ ڌاڙيلن جي ڪاررواين اتر سنڌ جي ماڻهن کي مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي ته ٻهراڙين ۾ ڌاڙيل ديدا دليريءَ سان پوليس جون ورديون پائي ماڻهو اغوا ڪري نه صرف علائقي جي امن کي تاراج ڪن ٿا پر ان طرح جي اغوا وارداتن کي هو پوليس پاران ڪيل ڪاررواين جو پلاند چوندي ٻين لفظن ۾ پوليس کي کليو چئلينج ڪري ڄڻ ته قانون جي بالادستيءَ واري دعويٰ جي پت وائکي ڪن ٿا. اهڙيون وارداتون ان وقت اڃان به وڌي وينديون آهن جڏهن ڪو فرض شناس آفيسر ايندو آهي ۽ هو بدامنيءَ ۾ ملوث تر جي ڀوتارن جي حڪم مڃڻ کان انڪار ڪندو آهي. جنهن کي ڌاڙيلن جي ٻولي ۾ “مٿي ڦريو آفيسر” سڏيو ويندو آهي ته پوءِ ڏوهاري مافيائون ڀوتارن جي آشيرواد سان اهڙي آفيسر جي “اي سي آر” خراب ڪرڻ لاءِ پورو تر تپائي ڏينديون آهن. جنهن جو تڪڙو نتيجو انهي آفيسر جي تڪڙي بدليءَ جي صورت ۾ سامهون ايندو آهي. جنهن کان پوءِ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ تر جي وڏن ڀوتارن جي معرفت مغوين ۽ پڪڙيل ڏوهارين جي مٽاسٽا عرف ڊيل وارو ڪاروبار شروع ٿيندو آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ جڏهن کان ڊيل واري انهيءَ ڪاروبار وڏي شهرت حاصل ڪئي آهي تڏهن کان عام مشاهدو اهو آهي ته ڪشمور، شڪارپور، سکر سميت اتر سنڌ جا اهي ضلعا جيڪي پهريان بدامنيءَ جي باهه ۾ پڄرندا هئا اتي هاڻي اغوائن جي وڌندڙ وارداتن علائقين واسين کي ٻٽي امتحان ۾ وجهي ڇڏيو آهي.
هن وقت هن مرحلي ۾ پوليس کاتي ۾ موجود عملدارن کي به ان ڳالهه جو احساس ڪرڻ گهرجي ته رڳو “اي سي آر” خراب ٿيڻ جي ڊپ کان ڌاڙيلن سان مڪ مڪا ڪرڻ نه رڳو قانون ۽ انصاف جا بکيا اڊيڙڻ برابر آهي. پر عام ماڻهن کي هڪ مستقل عذاب ۾ مبتلا ڪرڻ آهي. سڀ کان اهم ۽ خطرناڪ ڳالهه اها ته ان روش سان ڌاڙيلن ۾ جيڪو حوصلو پيدا ٿئي سو سنڌ جي اترين علائقن خاص طور شڪارپور، ڪشمور ۽ جيڪب آباد ضلعن ۾ اغوائن جي شرح کي ٻيڻو ٽيڻو ڪري ڇڏي ٿو. وڌندڙ اغوا وارداتن ۽ ڏوهي سرگرمين جي حوالي سان مٿي ذڪر ڪيل ٽنهي ضلعن ۾ امن امان جي بحالي صرف پوليس کاتي جو ئي ڪم ناهي پر اتي موجود چونڊيل نمائندن کان ويندي سرڪار جي به ذميواري آهي ته اها اتي قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائي.