تاريخ جو مطالعو لازم آهي

0
618

ڄاڻ قديم هجي يا جديد صدين جي سفر کانپوءِ ان نتيجي تي پهتي آهي ته جيسيتائين مذهب کان وٺي تاريخ تائين ڪنهن به علم کي تقابلي طور پڙهيو يا ڏٺو نه ويندو، تيسيتائين ممڪن ئي ناهي ته ڪو فرد يا قوم ڪنهن منزل تي پهچي سگهي. يا ان علم مان ڪجهه حاصلات ڪري سگهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪتاب “گاڊ از ريڊ” ۾ پروفيسر وائن ڊيلورا، عيسائيت ۽ مقامي اتر آمريڪي مذهبن جو مطالعو ڪندي لکيو هو ته “مذهبَ، تقابلي جائزي کانسواءِ پڙهڻ بلڪل ايئن آهن؛ جيئن پزل يا ڪنهن معمي جو ٽڪرو اسان جي هٿ ۾ هجي. جيسين اسان ان پزل جا مختلف ٽڪرا هٿ ڪري هڪ ٻئي سان نه ڳنڍيداسين، تصوير ڪڏهن به پوري نظر نه ايندي!” مذهب جيان دنيا جي هر علم جو لقاءُ گهڻو ڪري ساڳيو آهي. تاريخ کي پرکڻ جو ان کان بهتر طريقو ڪو به ناهي ته تاريخ ۾ قومن جا عروج ۽ زوال ڏسڻ لاءِ دنيا جي مختلف خطن ۾ رهندڙ قومن جو ڀيٽاڀيٽي اڀياس ڪجي. جيڪڏهن اڄ سنڌي قوم اقتداري پوزيشن کان عام ماڻهن تائين مسلسل استحصال ۽ يلغار جو شڪار آهي ته اسان کي ٻيو ڪجهه به نه صرف آمريڪا ۾ ريڊ انڊين جي تاريخ جو مطالعو ڪرڻ گهرجي.سال 1889ع کي آمريڪا ۾“لينڊ رن اوڪلوهاما” جي تاريڪ اتهاس طور ياد ڪيو ويندو آهي. هن سال سرڪار،يورپي ماڻهن کي اجازت ڏني هئي ته هو ريڊ انڊين جي علائقن ۾ گهڙي ان تي قبضو ڪن. اهڙي طرح يورپي هٿيارن پهنوارن سان ۽ ڏسندي ڏسندي انهن علائقن جا مالڪ ٿي ويا ۽ مقامي ماڻهو ريڊ انڊين پنهنجي ڌرتيءَ تي دربدري جي زندگي گذارڻ لڳا! ياد رهي ته اڄ کان ڪجهه ڏهاڪا اڳ تائين “لينڊ رن اوڪلوهاما” کي هڪ ميلي طور ملهايو ويندو هو. اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جا شاگرد “لينڊ رن” جا ٽيبلو پيش ڪندا هئا! اهو سڀ ڪجهه نهايت شرمناڪ هو. سماج جي سياسي ۽ سماجي ڌرين طرفان مسلسل احتجاج بعد انهن ميلن ۾ گهٽتائي آئي. اتان جي باشعور ماڻهن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن ميلن جي صورت ۾ ئي ان مڪروهه عمل کي ورجائڻ جو سلسلو جاري رهيو ته ايندڙ فرد به اهي ساڳيون غلطيون دهرائيندا، جيڪي هنن جي وڏن ڪيون هيون. هنن زور ڏنو ته خرابيءَ کان بچڻ لاءِ تاريخ جو تعصب کان پاڪ اڀياس ڪرڻ لازمي ٿيو پوي!
آمريڪا ۾ هن وقت ڪل آباديءَ جو فقط ٻه سيڪڙو مقامي ماڻهو، جن کي پاڻ ريڊ انڊين سڏيون ٿا آهي. جيڪي ماڻهو آمريڪا ۾ رهن ٿا، انهن کي خبر هوندي ته اتي انهن کي ريڊ انڊين نظر ناهن ايندا! ڪافي ريڊ انڊين ته اهڙا به آهن،
جن يورپي نسل جي ماڻهن سان مٽي مائٽي ڪري پاڻ کي انهن جي نسلن ۾ ضم ڪري ڇڏيو آهي! آمريڪا جي علائقي اوڪلوهاما ۾ اڄ به ريڊ انڊين جا وڏا ڳوٺ آباد آهن. اوڪلوهاما سٽيءَ جي اسڪولن ۾ ڪجهه سال اڳ هڪ مهم هلائي وئي ته “ريڊ اسڪن” جي اصطلاح کي استعمال نه ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ان اصطلاح جي پويان ظلم جا ڪيترائي داستان موجود آهن. ماضيءَ ۾ يورپي ماڻهن کي ريڊ انڊين جي قتل جو معاضو ڏنو ويندو هو. يورپي ماڻهو، ريڊ انڊين پوءِ اهو ٻار هجي يا عورت ان کي ماري لاش ڏيکاري معاوضو وصول ڪندا هئا. اڳتي هلي جڏهن لاشن جا ڍير وڌڻ لڳا ته سرڪار حڪم نامو جاري ڪيو ته ريڊ انڊين جي لاشن بجاءِ انهن جي چمڙي ڏيکاري معاوضو وصول ڪيو وڃي! ريڊ انڊين ماڻهن جي ان کَلَ کي “ريڊ اسڪن” چيو ويندو هو. ان سفاڪ حرڪت کانسواءِ يورپي ماڻهن‏ مقامي ريڊ انڊين سان جيڪي ڪلور ڪيا سي آمريڪي تاريخ جا بدنما داغ آهن.
جن کي اڄ تائين مختلق طريقن سان ڌوئڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. مثال طور پروفيسر وائن ڊيلورا جو ڪتاب “گاڊ از ريڊ” ان جو وڏو مثال آهي.
جنهن جو حوالو مان مٿي به ڏئي آيو آهيان. پروفيسر وائن ڊيلورا پنهنجي ان ڪتاب ۾ آمريڪا جي تاريخ خاص ڪري اسڪولن ۾ پڙهائي ويندڙ نصابي اتهاس کي سخت تنقيد جو هدف بڻايو آهي، جيڪو يورپي فاتحن پنهنجي بچاءَ لاءِ لکيو. انهن تاريخن ۾ ڇا آهي؟ انهن جون ڪجهه جهلڪيون توهان سنڌ جي تاريخ ۾ به ڏسي سگهو ٿا. مقامي ماڻهن کي جاهل، غير مهذب ثابت ڪرڻ ۽ ڌارين حملي آوارن کي حق سچ تي ثابت ڪرڻ…
خير پاڻ ان سڄي سلسلي کي ريڊ انڊين جي تاريخ سان ملائي سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ٿا. پروفيسر وائن ڊيلورا پنهنجي ڪتاب ۾ لکيو آهي ته “يورپي مؤرخن نه صرف ريڊ انڊين کي پوري ريت ڄٽ ۽ وحشي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن جي وڏي پئماني تي ٿيل نسل ڪشيءَ کي به مڪمل طور نظر انداز ڪري ڇڏيو، جنهن تي افسوس ڪري سگهجي ٿو.” آمريڪا ۾ ريڊ انڊين سان جيڪي ويل وهايا ويا، ان واقعن کي سانحن سان تعبير ڪجي ته گهٽ نه ٿيندو. يورپي ماڻهو، جيڪي گهڻو ڪري عيسائي هئا.
انهن زنده ريڊن انڊين ته ڇا پر مئلن جي قبرن کي به بخش نه ڪيو. پروفيسر وائن ڊيلورا جي بقول ته يورپ جي ماڻهن ڪڏهن به مقامي آمريڪين جي مذهبن ۽ روحانيت کي سمجهڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي. سدائين حقارت سان انهن جي تذليل ڪئي وئي. اڪثر يورپي پادرين جي چوڻ تي ريڊ انڊين جي قبرن کي کوٽي انهن مان تير ڪمان، مورتيون، زيور ۽ هڏيون کنيون وينديون هيون.
هي سڀ ڪجهه موجوده سڌريل آمريڪا جو مڪروهه چهرو آهي، جيڪو ماضيءَ جي ورقن ۾ ڏسي سگهجي ٿو. اهو صرف آمريڪا جي تاريخ ۾ نه پر هر ان ملڪ جي اتهاس ۾ لکيل آهي، جيڪي سدائين ٻاهرين حملي آوارن جي نشاني تي رهيا آهن. نشاني جي ڳالهه ته سنڌ سدائين اهڙن ڪاررواين جي نشاني تي رهي آهي. جيڪي سلسلا اڄ به مختلف طريقن سان جاري آهن.
مقامي ماڻهن جي پيرن هيٺيان نام نهاد ترقيءَ جي نالي تي ڌرتي کسڪائڻ به انهيءَ سڄي تاريخ جو هڪ حوالو ئي آهي. جنهن ۾ سنڌي ماڻهو سدائين کان لتاڙ جو شڪار رهيا آهن. انهن زيادتين کي ڪهڙي ريت روڪي سگهجي ٿو؟ ان جو هڪ طريقو علم ۽ عمل کان آگاهي ۽ دنيا جي تاريخ سان شناسائي پڻ آهي. پروفيسر وائن ڊيلورا جي ڪتاب “گاڊ از ريڊ” ۾ پڻ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته ماضيءَ جا مثال پڙهي گهٽ ۾ گهٽ اسان حال جي ناجائزين کان پاڻ کي بچائي سگهون ٿا.