ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محمد علي مظهر ي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ سڄي سنڌ ۾ رولو ڪتن جي آزار ۽ ويڪسين نه هئڻ بابت داخل درخواست تي ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر پاران پيش نه ٿيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي، عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ڪي ايم سي جي ايڊمنسٽريٽر کان جواب پڻ طلب ڪري ورتو آهي. عدالت مڪاني کاتي جي سيڪريٽري کي معاملي کي ذاتي حيثيت ۾ ڏسڻ جو حڪم ڏنو آهي. ڪالهه ايڊووڪيٽ طارق منصور پاران داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران مڪاني کاتي جي سيڪريٽري نجم شاهه عدالت ۾ پيش ٿي ٻڌايو ته وزيراعليٰ باءِ لاز جي منظوري ڏني آهي،هاڻ اهو معاملو سنڌ ڪابينا جي گڏجاڻي ۾ رکيو ويندو، آئون ڪتن جي ڏاڙهڻ واري معاملي تي اسٽاف کان پڇندو آهيان، ان حوالي سان فزيڪل ۽ آن لائين گڏجاڻي به ڪئي آهي. هن دعويٰ ڪئي ته ڪتن جي ڏاڙهڻ وارن ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي آهي، مون کي چيو پيو وڃي ته ڪتي ڏاڙهڻ واري ڪيس جي رپورٽ تي اتان جي آفيسرن کي فارغ ڪري ڇڏيان، جيڪڏهن آئون ائين سڀني کي فارغ ڪري ڇڏيندس ته پوءِ ڪم لاءِ ڪو به آفيسر نه بچندو. ان موقعي تي عدالت چيو ته پارڪس ۾ ڪتا موجود آهن، گهٽ ۾ گهٽ اتي ته ڪم ڪريو. ان موقعي تي پروجيڪٽ ڊائريڪٽر عدالت کي ٻڌايو ته اسان 60 گاڏيون خريد ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي سمري موڪلي هئي، سنڌ حڪومت گاڏيون خريد ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، هاڻ رڳو گڏجاڻي جي منٽس جو انتظار آهي. جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اڄ به جيڪڏهن ڳوٺ ۾ ڪنهن کي ڪتو ڏاڙهي ٿو ته ان کي علاج لاءِ شهر اچڻو پوي ٿو، ڇو ته مقامي ڊاڪٽرن وٽ ويڪسين ناهي هوندي، حيدرآباد پهچندي ئي ماڻهو مري ويندو آهي، ان موقعي تي درخواستگذار عدالت کي ٻڌايو ته آفيسرن پاران تعاون نه ڪرڻ سبب عوام کي ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، جنهن تي عدالت سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي هفتيوار رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي س اها رپورٽ مڪاني سيڪريٽري وٽ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. عدالت چيو ته انهن رپورٽن جي روشني ۾ مڪاني ادارن واري کاتي جو سيڪريٽري پوري معاملي کي ڏسي. عدالت سڄي سنڌ ۾ ڪتن جي ڏاڙهڻ وارن واقعن جي روڪٿام جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 2 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي.