حيدرآباد (رپورٽ:امتياز کوسو) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي 2020ع ۾ اي ايس آءِ جي ڀرتين لاءِ امتحان پاس اميدوارن کي جوائننگ ڏيڻ جو مرحلو ايندڙ ٻڌڻي تائين مڪمل ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. حيدرآباد رينج سان تعلق رکندڙ حسين آباد جي رهواسي عبدالله، محمد ابراهيم، لطيف آباد جي رهواسي نويد علي، محمد مزمل، محمد مدثر ۽ محمد احمد پنهنجي وڪيل شبير مري معرفت عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي اختيار ڪيو آهي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن حيدرآباد پوليس رينج ۾ 269 اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر جي ڀرتين لاءِ 21 سيپٽمبر 2020ع تي کانئن لکت وارو امتحان ورتو، جنهن ۾ پاس ٿيڻ بعد کين زباني امتحان ڏيڻ جو چيو ويو، اهو به ڏنو پر نتيجي بابت آگاهي نه ڏني وئي. درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته پوليس کاتي ۾ حيدرآباد رينج لاءِ اي ايس آءِ جي نوڪرين لاءِ ميجارٽي واري شيڊول ۾ منارٽي جون سيٽون رکيل هيون، ان باوجود منارٽي جون سيٽون الڳ ڪيون ويون، انهن اميدوارن کان زباني امتحان ورتو ويو جيڪي لکت واري امتحان ۾ فيل قرار ڏنا ويا هئا. ڄاڻايل پوسٽن جي انٽرويو دوران ميرٽ جي لتاڙ ڪندي هڪ ئي گهر جي ٽن ٽن اميدوارن کي به نوڪرين سان نوازيو ويو آهي. عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڄاڻايل اميدوارن کي جوائنگ آرڊر ڏيڻ کان روڪي. عدالت رمارڪس ڏنا ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف ميڊيڪل جي شاگردياڻي مخدوم اسماءِ پاران داخل درخواست تي لاڳاپيل عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي شفافيت وارو مڪينزم جوڙڻ تائين سموري ڪاروهنوار روڪڻ جو حڪم ڏئي چڪي آهي. هاڻي ڪهڙي آڌار تي هن مرحلي کي روڪيو وڃي. تنهن تي وڪيل چيو ته سندس درخواست کي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن خلاف اڳ ۾ داخل درخواست سان ڪنيڪٽ ڪيو وڃي. عدالت ڄاڻايل درخواست کي اڳ ۾ داخل درخواست سان ڪنيڪٽ ڪندي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين سميت لاڳاپيل ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي کين 19 مئي تي جواب داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.