ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) احتساب عدالت آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ ٻين جوابدارن تي ترميمي فرد جرم لاڳو ڪري ڇڏيو. آغا سراج دراني ۽ ٻين جوابدارن پاران ڏوهه مڃڻ کان انڪار، عدالت وڌيڪ شاهدن کي 19 مئي تي طلب ڪري ورتو . جڏهن ته نيب پاران آغا سراج دراني ۽ سندس گهرڀاتين جي نالن تي موجود جائداد ۽ بينڪ اڪائونٽس منجمد ڪرڻ جي درخواست تي آغا سراج دراني ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪندي 19 مئي تي طلب ڪري ورتو آهي. نيب پراسيڪيوٽر زاهد پالاري عدالت کي ٻڌايو ته آغا سراج دراني ۽ سندس گهر ڀاتين جي نالي تي ڪراچي ۽ ايبٽ آباد ۾ 11 ملڪيتون آهن، آغا سراج جي پٽ آغا شهباز جو بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪيو وڃي. هن ٻڌايو ته اسپيڪر آغا سراج دراني ۽ سندس گهرڀاتين جي نالن تي بنگلا، فليٽ ۽ ولاز آهن، جوابدارن خلاف ريفرنس احتساب عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، جيستائين ريفرنس جو حتمي فيصلو نٿو ٿئي، تيستائين آغا سراج ۽ سندس خاندان جون جائدادون ۽ بينڪ اڪائونٽ منجمد ڪيا وڃن، اهي ملڪيتون نيب جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رڪوري اينڊ ڊسپرسمينٽ جي حوالي ڪيون وڃن. نيب پاران ملڪيتن بابت لسٽ به عدالت ۾ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته آغا سراج جي پٽ جي نالي تي ڪراچي جي بدر ڪمرشل ۾ پلازا ۽ بينڪ اڪائونٽ ۾ 2 ڪروڙ کان وڌيڪ رقم آهي، آغا سراج جي ڌيءُ ناهيد دراني جي نالي تي ايبٽ آباد جي علائقي کاتا گلي ۽ ڪراچي جي ڊي ايڇ اي 5 ۾ بنگلو آهي، سونيا دراني جي نالي تي به ڊفينس فيز 5 ۾ 2 فليٽ آهن، جڏهن ته صنم دراني جي نالي تي ڪريڪ وسٽا ۾ 4 بيڊ جو فليٽ آهي. نيب پاران عدالت ۾ جمع ڪرايل رپورٽ موجب شاهانه ۽ سارا دراني جي نالي تي ڪراچي جي مهانگن علائقن ۾ 2 فليٽ، شمشاد خاتون جي نالي تي ڊي ايڇ اي ڪمرشل فيز 2 ۾ پلازا آهي، جڏهن ته منور علي جي نالي تي ملير ۾ 40 ايڪڙ رهائشي زمين ۽ عرفان جي نالي تي ڊفينس جي خيابان تنظيم ۾ بنگلو آهي.