ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر دارالامان ۾ ايس ايس يو عورت پوليس ڪمانڊوز مقرر ڪرڻ ۽ دارالامان جي انچارج سميت سمورن ذميوارن کي جاچ ۾ شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت دارالامان جي ايندڙ ويندڙ رستن تي ڪيميرائون لڳائڻ جو به حڪم ڏنو آهي، ڪالهه جسٽس صلاح الدين پنهور جي سربراهي ۾ سنگل بينچ سکر جي دارالامان ۾ ذهني مريض عورت سان زيادتي واري ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران گهرو مامرن جو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، اي آءِ جي (ليگل)، وومين ويلفيئر کاتي جي سيڪريٽري ۽ ٻيا پيش ٿيا، جسٽس صلاح الدين پنهور دارالامان ۾ عورت سان زيادتي تي انتظاميا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا اها دهشتگردي ناهي ته پناهه وٺندڙ ناري سان لڄالٽ ڪئي وڃي؟ دارالامان جو انچارج ڪرمنلز (ڏوهارين) ماڻهن کي بڻايو ويندو آهي، عدالت چيو ته دارالامان ۾ عورتون تحفظ لاءِ اينديون آهن، اتي به ساڻن ظلم ڪيو پيو وڃي، دارالامان ۾ ڪا هڪ ناري متاثر ناهي پر تمام گهڻيون متاثر ٿيل ملنديون. ٻڌڻي دوران اي آءِ جي ليگل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار محمد شريف سوشل ويلفيئر کاتي جو سينيئر ڪلارڪ آهي، جنهن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيوته دارالامان جي ڇتن تان ناريون ٽپ ڏئي خودڪشيون ڪري ڇڏينديون آهن، وومين ڊولپمينٽ جي سيڪريٽري دارالامان ۾ پناهه ورتل ٻارڙين جي باري ۾ پنهنجن ڌيئرن کي سامهون رکي سوچي ته خبر پئجي ويندس. عدالت دارالامان جي ايندڙ ويندڙ رستن تي ڪيميرائون لڳائڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته ڪيمرائون لڳايون وڃن ته جيئن پتو پئجي سگهي ته رات جو ڪير ٻارڙين کي ٻاهر وٺي ويندو آهي؟ عدالت چيو ته بدقسمتي ته اها آهي جو سوشل ويلفيئر کاتي جون عورتون به دارالامان جي اسٽاف سان مليل هونديون آهي. عدالت سيڪريٽري وومين ويلفيئر سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي بهادر بڻجي ڪم ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اوهان ڪنهن هڪ ٻارڙي جي به عزت بچائي ورتي ته سمجهو ته پنهنجي زندگي سنواري ورتئو.