ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ کير جي اگهن ۾ واڌ خلاف درخواست تي ڪراچي جي ڪمشنر ۽ ٻين کان کير جي اگهن تي ڪنٽرول ڪرڻ جي حوالي سان ِ ورتل اپائن بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي، ڪالهه ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته عدالت ڪراچي جي ڪمشنر ۽ تمام اسٽيڪ هولڊرز کي کير جو اگهه مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن تي لاڳاپيل ادارا ميڪنزم جوڙڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، تنهن ڪري کير جو اگهه مقرر ڪرڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي، عدالت ڪراچي جي ڪمشنر ۽ ٻين کي کير جي اگهه تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ورتل اپائن بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.