کورواھ (ن پ ا) کورواهه ۾ سارين جو اگھه گهٽ هجڻ ۽ ناجائز ڪٽوتي ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ ۽ آبادگارن موسيٰ درس، ڌڻي بخش نوحاڻي، عبدالڪريم لوهار ۽ ٻين پاران ريلي ڪڍي شهر جي مين چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي اڳواڻن دانهيندي چيو ته ساريون لهندي ئي واپارين من پسند اگھه مقرر ڪري ناجائز ڪٽوتيون شروع ڪري ڇڏيون آهن، جيڪو سراسر ظلم آهي، هنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي منافعي خور واپارين خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.