فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) فيض گنج واسين ”سنڌو تو ۾ ساهه اسان جو“ جي عنوان سان 5 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون، سرڪاري توڙي پرائيويٽ اسڪولن ۾ ايڪتا ڏهاڙي کي ملهائڻ لاءِ مختلف پروگرام ترتيب ڏنا پيا وڃن. گورنمينٽ هاءِ اسڪول محمد رمضان چانگ جي استادن 5 ڊسمبر تي ايڪتا ڏهاڙو ڀرپور نموني ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان سلسلي ۾ گسٽا سنڌ جي صدر حاجي محمد اشرف خاصخيلي، تعلق صدر لياقت علي خاصخيلي، منير راڄپر، غفور چانگ، صفدر حسين راڄپر، سيال حيات، صدام حسين چانگ، ڪي بي چانگ، محمد امين چانگ ۽ ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيوته 5 ڊسمبر اسان لاءِ عيد جو ڏينهن آهي. ايڪتا ڏهاڙو ملهائڻ لاءِ هاڻي کان ئي پروگرام ترتيب ڏنا پيا وڃن. هنن ٻڌايو ته اسڪولن ۾ شاگردن کي اها ڄاڻ ڏئي رهيا آهيون ته اسان جي ثقافت ڇا آهي؟ قومن جي تهذيب ۽ تهذيبي روايتون ڇا هونديون آهن؟ هنن جو چوڻ هو ته مختلف سببن جي ڪري اسان پنهنجي ثقافت کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو پر جس هجي علي قاضيءَ کي جنهن ايڪتا ڏهاڙي جو سڏ ڏئي پنهنجي ثقافت کي نئين طريقي سان ملهائڻ جو موقعو فراهم ڪيو. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌو درياهه اسان جي جياپي جو اهم ڪارڻ آهي، سنڌوءَ ماتا هر سنڌيءَ جي ساهن سان سلهاڙيل آهي. هنن ٻڌايو ته 5 ڊسمبر تي هاءِ اسڪول جا سوين شاگرد ثقافتي ويس پهري هاءِ اسڪول کان شهر جي مين چوڪ تائين وڏي ريلي ڪڍندا. ان سان گڏوگڏ اسڪول اندر ثقافتي پروگرام پڻ ڪوٺايا ويندا. جڏهن ته 5 ڊسمبر جي حوالي سان فيض گنج تعلقي جي مختلف شهر پڪاچانگ، ڪوٽ لالو، ڪرونڊي، اڪري چودڳي، ڀنگو بهڻ، حسين پاتو، امن راڄپر سميت ننڍن وڏن شهرن ۾ مختلف تنظيمن پاران ايڪتا ڏهاڙي جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن.