کورواھ (ن پ ا)کورواھ جي واٽر سپلاءِ جو موٽر گذريل اٺ ڏينهن کان خراب شهر جي ويھ هزار کان مٿي آبادي کي پاڻي جي فراهمي بند شهري پريشان شهرين ڪامريڊ وڪيو ميمڻ پرويز  مير شهزاد علي ٻين پهنجي اخبار اڳيان دانهيندي چيو ته کورواھ شهر جي واٽرسپلاء جي موٽر خراب آهي گذريل اٺ ڏينهن کان شهري صاف پاڻي جي فراهمي کان محروم آهن هنن چيو ته واٽر سپلاء هلڻ بجاء اڪثر خراب پڻ رهي ٿو جنهن سبب شهري جر جو پاڻي واپرائڻ تي مجبور آهن جر جو پاڻي واپرائڻ سبب شهر جا ڪافي ماڻهون پيٽ جي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويا آهن هنن وسوارن کان مطالبو ڪيو ته واٽر سپلاء فعال ڪري شهرين کي صاف پاڻي جي سهولت فراهم ڪئي وڃي.