ڏيپلو (ن پ ا) ڏيپلي ويجهو مڊل بوائز اسڪول زبون حالي جو شڪار، ڪنهن وقت به زمين بوس ٿيڻ جو خطرو، ديوارون  ڪِرڻ لڳيون. اسڪولي ٻار ۽ ڳوٺاڻا خوف ۾ ورتل، خبر موجب  ڳوٺ ڀاڏور جي مڊل بوائز اسڪول جي بلڊنگ زبون ٿي وئي، ديوارون ڪِرڻ لڳيون آهن ۽ ڪمرن ۾ ڏار پئجي ويا آهن، جڏهن ته ڇت جي حالت به خراب آهي، اسڪول جي عمارت زبون هجڻ سبب ٻارڙن جو هر وقت ساهه مٺ ۾ رهي ٿو، ان ڏس ۾ ڳوٺاڻن موسيٰ گل بجير، نور محمد جمالاڻي، اصغر بجير، نظر بجير ۽ ٻين چيو ته اسڪول جي بلڊنگ ڪنهن به وقت ڪري سگهي ٿي جنهن سان جاني نقصان جو انديشو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول جي عمارت جو مرمتي ڪم ڪرائي مسئلو حل ڪيو وڃي،