ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) سنڌ هاءِ ڪورٽ  مختلف علائقن مان 40 کان وڌيڪ  کنڀيل شهرين جي بازيابي لاءِ ضلعي ٽاسڪ فورس جي قيام بابت نوٽيفڪيشن کي رد ڪندي عدالتي گائيڊ  لائينز موجب ٽاسڪ فورس ۽ ضابطا جوڙڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ  ڄاڻايل درخواستن جي ٻڌڻي دوران عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته اها ٽاسڪ فورس صرف ڪاغذي ڪارروائي ۽ عدالت جي اکين ۾ ڌوڙ وجهڻ جي برابر آهي، ضلعي ٽاسڪ فورس به جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس کان مختلف ناهي،اهڙي ٽاسڪ فورس جو نتيجو به صوبائي ٽاسڪ فورس ۽ جي آءِ ٽيز جهڙو ئي نڪرندو. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو چيو ته ضلعي ٽاسڪ فورس رڳو گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ مخصوص هئڻ گهرجي، گم ٿيل ماڻهن جو معاملو سڄي ملڪ ۾ سنگين ٿيندو پيو وڃي. عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪيترن ئي سالن کان ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن پر هتي رڳو ڪاغذي ڪارروائي ٿيندي آهي، جڏهن رياست عدالتي حڪمن تي عمل نه ڪري ته ماڻهو عدالتن ڏانهن ڇو ويندا؟ عدالت پوليس عملدارن کي مخاطب ٿيندي چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي آفيس ۾ ويهي جاچ نه ڪئي ويندي آهي، انهن جي بازيابي لاءِ فيلڊ ۾ وڃڻو پوندو آهي، عدالت چيو ته ضلعي ٽاسڪ فورس جي قيام بابت عدالت پاڻ گائيڊ لائينز جاري ڪندي، عدالت ايڊووڪيٽ جنرل ۽ سينيئر وڪيلن کان پڻ تجويزون طلب ڪري ورتيون آھن.