سيوهڻ (رپورٽ: اشرف عطار) سيوهڻ ويجھو ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب مسافر وين ڪلٽي، پيءُ ڌيءُ سميت هڪ ئي خاندان جا 3 ڄڻا فوت، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 18 مسافر زخمي، رپورٽ موجب  ڳوٺ آراضي وٽ انڊس هاءِ وي تي سيتا کان حيدرآباد طرف ويندڙ مسافر وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، حادثي جي نتيجي ۾ نينگري ۽ پيرسن سميت 2 ڄڻا موقعي تي فوت  ٿي ويا، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارڙن سميت 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اطلاع تي ايڌي ايمبولينسز پهچي فوتين جا لاش  ۽ زخمين کي سيوھڻ اسپتال منتقل ڪيو، جتي فوتين جي سڃاڻپ سيتاروڊ جي ڳوٺ مريد لاکير واسي 75 ورھين جو پيرسن محمد عيسيٰ سولنگي، 3 ورھين جي صدف ڌيءُ زڪا الله  سولنگي ۽ ذڪاءُ الله طور ٿي آهي، جڏھن ته زخمين ۾ مسمات افروز، سھڻي، سوني، نرما، نسيم، غلام النبي، صائما، ماروي، رشيدا، نياز حسين، احمد علي لنڊ، معصومان، عقيدا، عجوبا، افروز، نور ۽ ٻيا شامل آهن، اسپتال انتظاميا موجب زخمي ناري افروز، ماروي، ڊرائيور شھمير لاکير جي حالت نازڪ ھئڻ سبب کين حيدرآباد منتقل ڪيو ويو آٓهي، ٻڌايو پيو وڃي ته مسافر وين سيتاروڊ کان حيدرآباد وڃي رھي ھئي ته ڳوٺ آراضي ڀرسان ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري ڪلٽي ٿي پئي، جنھن ڪري حادثو پيش آيو، ٻئي طرف سيوھڻ پوليس واقعي جي ابتدائي رپورٽ داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، هوڏانهن  پيءُ ۽ معصوم ڌيءُ سميت هڪ ئي خاندان جا 3 لاش گهر پهچڻ تي وارثن ۾ ڪهرام مچي ويو.