اسلام آباد (بيورورپورٽ) وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي احتجاج تي تشدد کي سنڌ حڪومت  جي غنڊه گردي قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي آهي. ۽ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته ايم ڪيو ايم جي پرامن احتجاج تي سنڌ حڪومت جي غنده گردي جي شديد مذمت ڪريون ٿا، اهڙي وقت ۾ جڏهن پي ايس ايل جهڙو ايونٽ ٿيڻ وڃي رهيو آهي، تشدد واقعي جو ڪو جواز نه هو، پي ٽي آءِ سنڌ جي قيادت ان واقعي جو غور سان جائزو وٺي رهي آهي ۽ اسان جي سموري حمايت ايم ڪيو ايم سان آهي، وفاقي وزير اسد عمر ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي احتجاج تي تشدد جي مذمت ڪندي چيو ته جمهوريت جي لباس ۾ پيپلزپارٽي جي آمراڻي طرز حڪومت نهايت قابل مذمت آهي، پوليس کي سياسي جماعتن خلاف استعمال ڪرڻ بدران سنڌ مان ڏوهن جي خاتمي لاءِ استعمال ڪيو وڃي. وفاقي وزير مراد سعيد چيو ته فرزند زرداري اها آهي اوهان جي جمهوريت؟ زرداري ليگ جي ڪارن قانونن ۽ ڪرپشن تي ڳالهائيندڙن کي يا ته تشدد جو نشانو بڻايو ويندو آهي يا وري عزيز ميمڻ جيان قتل ڪيو ويندو آهي. وفاقي وزير علي زيدي چيو ته تشدد جي مذمت ڪريون ٿا جمهوريت جي دعويدار حڪومت آمريتي طريقا استعمال ڪري رهي آهي. مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته پ پ جو هي چهرو آهي، مراد شاهه مان اها اميد نه هئي، بلاول مراد شاهه خلاف ڌرڻو هڻي آئون به شريڪ ٿيندس بلاول ماڊل ٽائون ٽو ڪرائڻ چاهي ٿو. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد واقعي جو نوٽيس وٺندي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.