ڦل (ن پ ا) ڦل لڳ قمر الدين ٿاڻي جي حد ڳوٺ نواب سابقي مان 6 هٿياربند نوجوان مولابخش ولد الھبچايو کوسو کي مبينا اغوا ڪري ويا، علائقي جي معزز استاد عيدن کوسو ميڊيا کي ٻڌايو ته اغوا ڪارن فون ڪري چيو آهي ته توھان جي نوجوان کي اسان اغوا ڪيو آھي، جنهن کي قتل ڪري لاش واهه ۾ لوڙھينداسين، ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته اغوا واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي، ملوث ماڻھن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.