سکر (بيورو رپورٽ) سکر جي تير چوڪ جي ڳتيل آبادي واري علائقي ۾ قائم برف فيڪٽري جي المونيم گئس ليڪ ٿي  وئي، هڪ نينگر بيهوش، شهري خوف ۾ مبتلا ٿي ويا. اطلاع تي ڊي سي ۽ ايس ايس پي سکر واقعي واري هنڌ پهتو، فيڪٽري سيل. حاصل ڪيل ڄاڻ موجب سکر جي ڳتيل آباديءَ واري علائقي تير چوڪ ۾ واقع برف فيڪٽري جي گئس ليڪ ٿي وئي، جنھن جي نتيجي ۾ آس پاس وارن علائقن جي گهرن ۾ ويٺل عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙن کي ساهه جي تڪليف پيدا ٿي وئي ۽ وڏي انگ ۾ شهري گهرن کان ٻاهر نڪري آيا، جنھن ڪري شهرين ۾ خوف پيدا ٿي ويو. شهرين مطابق هڪ معصوم نينگر غلام مصطفيٰ بيهوش ٿي ويو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته گئس ليڪ ٿيڻ سبب ڪيترائي شهري خوف سبب گهر ڇڏي مائٽن وٽ هليا ويا. اهڙي اطلاع ملڻ تي ڊپٽي ڪمشنر سکر ڊاڪٽر شهزاد طاهر ٿهيم، ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ واقعي واري هنڌ پهچي شهرين کان تفصيل معلوم ڪرڻ بعد فيڪٽري کي سيل ڪري ڇڏيو. انتظاميا فيڪٽري مالڪ خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.