سنڌي اداڪار عالمي ايوارڊ ماڻي تاريخ رقم ڪري ڇڏي

0
232
سنڌي اداڪار عالمي ايوارڊ

عالمي ايوارڊ يافته پاڪستاني فلم “جوائي لينڊ سان پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ڪندڙ اداڪار علي جوڻيجو عالمي سطح تي خاص ايوارڊ حاصل ڪري تاريخ رقم ڪري ڇڏي

فلم “جوائي لينڊ“ کي برازيل ۾ ٿيل سالياني 46هين انٽرنيشنل فلم فيسٽيول ۾ به پيش ڪيو ويو، جتي دنيا جي ٻين ملڪن مان 240 کان وڌيڪ فلمون به پيش ڪيون ويون

Pakistani movie 'Joyland' wins prestigious nod at Cannes Film Festival!

پاڪستاني فلم فيسٽيول ۾ ٻيون وڏو ايوارڊ پنهنجي نانءُ ڪيو، جڏهن ته فلم جي اداڪار علي جوڻيجو 240 کان وڌيڪ اداڪارن مان بهترين جيوي مينشن اداڪار جو ايوارڊ پنهنجي نانءُ ڪيو

انسٽاگرام تي اسٽوري پوسٽ ڪندي فلم جي هدايتڪار صائم صادق به علي جوڻيجو کي ايوارڊ ملڻ تي مبارڪباد ڏني

واضح رهي ته فلم“ جوائي لينڊ“ کي اڃا تائين پاڪستان ۾ رليز ناهي ڪيو ويو، پر اُن جو ٽيزر جاري ڪندي اُن کي هلندڙ مهيني 18 نومبر تي سينيما گهرن ۾ پيش ڪرڻ جو اعلان  ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

پاڪستاني شوبز ستارن پاران عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي مذمت