خيرپور (رپورٽر) خيرپور ضلعي جي مختلف علائقن مان آيل برسات ۽ ٻوڏ متاثر عورتن مسمات مختياران، مسمات شبيران، رابيل، نوران، پٺاڻي، اميران، نويده، خالده، عجيبان، مجيدان، آمنه ۽ خيرپور جي مشهور سماجي اڳواڻ شهناز شيخ جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته ٻوڏ ۽ برسات متاثرن لاءِ آيل سامان حقدار ماڻهن کي ملڻ بجاءِ سياسي هائوسن جا ڪمدار آفيسر پ پ جي جيالن کي ڏئي رهيا آهن جڏهن ته ٽي مهينا گذري وڃڻ باوجودکي راشن ۽ ٻيو سامان نه مليو آهي جنهن ڪري اسان غريب، مسڪين ٻن ويلن جي مانيءَ لاءِ پريشان آهيون. گهر، مال متاع ۽ فصل لڙي ويا آهن. ان جي باوجود هن وقت تائين ڪوبه لڙي نه آيو آهي. هنن دانهيندي چيو ته سياسي هائوسن تي وڃون ٿا ته اسان کي ڌڪا ڏئي ٻاهر ڪڍيو وڃي ٿو، ڪوبه ٻڌڻ وارو ناهي، جنهن ڪري مجبور ٿي احتجاج ڪري رهيا آهيون. هنن مطالبو ڪيو ته ٻوڏ ۽ برسات متاثرن کي راشن ڏئي وڌيڪ بکون ڪاٽڻ کان بچايو وڃي.