ڦلجي اسٽيشن (ن۔پ۔ا) ڦلجي اسٽيشن شھر جي صادق آباد پاڙي مان ڏينهن ڏٺي جو اڻڄاتل چاٻي چور گھر ٻاهران بيٺل سي ڊي موٽر سائيڪل چوري ڪري ويا اطلاع ملڻ باوجود پوليس نه پهتي ۔ان موقعي تي ڪامران پنهور ٻڌايو ته دڪان تان سامان وٺي سي ڊي موٽرسائيڪل ماڊل 2018  تي چڙھي گهر کڻي آيس سامان گهر رکي واپس آيس ته موٽر سائيڪل موجود نه هئي. چوري ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي۔