فيض گنج/ڪرونڊي (نمائندن وٽان) پڪاچانگ واسي نوجوان صحافي حادثي ۾ معذور ٿيڻ بعد گذريل ٽن سالن کان بستري ڀيڙو، سرڪاري خرچ تي علاج ڪرائڻ جو مطالبو. خبر موجب پڪچانگ جي ڳوٺ يعقوب فقير چانگ واسي نوجوان صحافي بشارت چانگ روڊ حادثي ۾ ٻنهي ٽنگن کان معذور بڻجي گذريل ٽن سالن کان بستري ڀيڙو ٿيل آهي. ان سلسلي ۾ صحافي بشارت چانگ سان ڳالهائيندي چيو ته هن ڪيترائي سال اسڪرپٽ ايڊيٽر،، رپورٽر، ڪئمرامين توڙي ڪو ڊائريڪٽر طور مختلف ادارن ۾ ڪم ڪيو. ٽي سال اڳ روڊ حادثي ۾ ٻنهي ٽنگن کان معذور ٿيڻ بعد هلڻ چلڻ کان لاچار بڻيل آهي. معذوري بعد جگر جي بيماري به وڪوڙي وئي آهي. ڊاڪٽرن موجب منهنجو علاج ممڪن آهي. هن وڌيڪ چيو ته معذوري واري حالت کان پوءِ ٽن نياڻين جي پالنا توڙي پڙهائي مشڪل بڻجي وئي آهي. هن ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل اختيارين کي اپيل ڪئي ته سرڪاري خرچ تي سندس علاج ڪرايو وڃي.