ڪڪڙ (ن پ ا) ڪڪڙ لڳ 3 سال اڳ پڪو ڪيل  واٽر ڪورس ڊاھڻ جي ڪوشش آبادگار۽ آبپاشي عملدارن وچم ڇڪتاڻ احتجاج خبر موجب ڪڪڙ لڳ ڪڪڙ ون مان نڪرندڙ شاخ ڪڪڙ ڊسٽري واٽر 5 بي ايل واٽر ڪورس کي آبپاشي عملدارن ڊاھڻ جي ڪوشش کانپوءِ آبادگارن ۽ آبپاشي عملدارن وچم ڇڪتاڻ  ٿي وئي آھي. ٻورڙي واسين آبادگارن عبدالغفار ھنڱورو، عبدالجبار، بدرالدين جوڻيجو، ڊاڪٽر سيف جوڻيجو، نديم علي ۽ عبدالرحمان آبپاشي عملدارن جي زيادتين خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو، ان موقعي تي مظاھرين چيو ته 1994ع ۾ ڪڪڙ ون مان شاخ نڪتي جيڪا ڪڪڙ ڊسٽري 5 بي ايل ڪڪڙ واٽر ڪورس تي پھتي بعد ۾ سرڪار واٽر مينجمينٽ دادو طرفان 3سال اڳ واٽر ڪورس پڪو ڪيو ويو جنھن مان زمينون آباد ڪيون  جنھن تي ھڪ بااثر مڇرجي پيو آھي جنھن عدالت ۾ کين غير قانوني قرار ڏئي واٽر ڪورس ڊاھڻ جي درخواست جمع ڪرائي آھي جنھن جي اڃا تائين حاضري نه لڳي آھي. ونگار وھندي آبپاشي عملدارن ايس ڊي او جوھي نعيم آفتاب نائچ پاران عملي سان گڏجي آبادگارن کي بنا نوٽيس ڏيڻ جي پڪو ڪيل واٽر ڪورس ڊاھڻ جي ڪوشش ڪري رھيو آھي جنھن جي اسين ڇڪتاڻ ڪئي آھي سرڪار طرفان پڪو ڪيل واٽر ڪورس ڊاھڻ مذمت جوڳو عمل آھي ۽آبادگارن سان زيادتي ۽ ظلم آھي اسين ڪنھن ب صورت ۾ واٽر ڪورس ڊاھَڻ ن ڏينداسين واٽر ڪورس قانوني آھي مخالف ڌر سازش ڪري رھيا آھن    زمينون غير آباد ٿيڻ کانپوء 10ھزار ڪٽنب جياپو خطري ۾ پئجي ويندو جن جو گذر سفر فصل تي آھي واٽر ڪورس ڊھڻ سان250ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويندي اسين سنڌ سرڪار ۽ ڊي سي دادو کان مطالبو ڪيون ٿا ته پڪو ڪيل واٽر ڪورس ڊاھڻ جي ڪوشش ڪندڙ آبپاشي عملدارن خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ھوڏانھن پڪو ڪيل واٽر ڪورس ڊاھڻ جي ڪوشش ڪندڙ ايس ڊي او آبپاشي جوھي نعيم آفتاب نائچ موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.