ڏکيو وقت گذري ويو، ڊيفالٽ جو خطرو ختم ٿي ويو ، ملڪ هاڻي ترقي ڪندو: آرمي چيف

0
243
ڏکيو وقت گذري ويو، ڊفالٽ

ڪراچي: آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ڏکيو وقت گذري ويو، ڊفالٽ جوخطرو ختم ٿي ويو آهي، ملڪ هاڻي ترقي ڪندو

 آرمي چيف جنرل عاصم منير واپارين سان گڏجاڻي دوران خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته ڏکيو وقت گذري ويو آهي، ڊفالٽ جو ڪو خطرو ناهي، ملڪ هاڻي ترقي ڪندو

آرمي چيف عاصم منير ملڪ جي ڪاروابري شصيتن سان ملاقات ڪئي ۽ ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي موجودگي ۾ هنن کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان مشڪل معاشي حالتن مان ڪاميابي سان ٻاهر نڪري ويو آهي، ڊيفالٽ جو خطرو ٽري ويو آهي ملڪ ترقي ڪندو ۽ اسان هڪ خوشحال قوم بڻجي اڀرنداسين

ملاقات جي حوالي سان باضابطه طور تي ڪو بيان سامهون نه آيو آهي پر ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف پوري ملاقات جي دوران پراميد نظر آيو ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو آهي موجوده معاشي حالتن تي ڪنٽرول ڪيو ويندو

هي به پڙهندا

آرمي چيف جنرل عاصم منير جو عمران خان سان ملاقات کان انڪار