حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر جو بيدردي سان قتل: سندس ڊرائيور گرفتار

0
322

حيدرآباد: حيدرآباد ۾ ناليواري ڊاڪٽر ڌرم ديو کي وحشياڻي انداز ۾ قتل ڪرڻ واري واقعي ۾ سندس ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي

صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي جو چوڻ آهي ته پوليس مقتول ڊاڪٽر جي ڊرائيور حنيف لغاري کي خيرپور ويجهو گرفتار ڪري ورتو آهي

 گذريل ڏينهن ڊاڪٽر ڌرم ديو جو حيدرآباد ۾ سندس گهر مان ڳلو ڪپيل لاش مليو هو، صوبائي وزير پاران نوٽيس وٺڻ بعد ايس ايس پي امجد شيخ کيس ٻڌايو هو ته ڊاڪٽر ڌرم ديو جي ڊرائيور سان منهن ماري ٿي هئي

صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته ايس ايس پي امجد شيخ ٻڌايو ته ڊاڪٽر جي گهر پهچڻ تي ڊرائيور ڇري سان ڊاڪٽر جو ڳلو ڪپي کيس قتل ڪري ڇڏيو، ڊاڪٽر ڌرم ديو گهر ۾ اڪيلو رهندو هو، سندس فيملي آمريڪا ۾ رهائش پذير آهي

صوبائي وزير ۽ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار حنيف لغاري کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ ان معاملي ۾ وڌيڪ جاچ جاري آهي، ڊرائيور حنيف جي بيان بعد ئي معاملي جي خبر پوندي

هي به پڙهندا

پکو ۾ معمولي ڳالهه تان ٻن ڀائرن هڪٻئي کي گوليون هڻي ماري ڇڏيو