لاهور(م ڊ) سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پُٽ نجم ثاقب ۽ پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 137 تان اميدوار ابوذر مقصود چڍڙ جي آڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ پاڪستان تحريڪ انصاف ڇنڊ ڇاڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. پي ٽي آءِ اميدوار نجم ثاقب کي چيو ته توهان جي ڪوششن رنگ لاتو، بس رڳو تڪڙي ٽڪيٽ ڇپرايو. نجم ثاقب چيو ته بس بابا جا ٿورا مڃ ۽ انکي ڀاڪر پائڻ هليو اچجانءِ. نجم ثاقب ليڪ آڊيو ۾ پي ٽي آءِ جي ٽڪيٽ ملڻ تي پيسن جي ڏيتي ليتي بابت به ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي.  ذريعن موجب ٽڪيٽ هولڊر ابوذر تي 2021ع ۾ ڪيس به داخل ٿيو، پوليس جو چوڻ آهي ته عدالت ابوذر ۽ ان جي دوست تي ٿيندڙ ڪيس کي خارج ڪيو ويو هو. پي ٽي آءِ اميدوار جي پيءُ مقصود چڍڙ جو چوڻ آهي ته پوليس غلط پرچو ڪٽڻ تي ايس ايڇ او کي معطل ڪري ڇڏيو هو، عدالت ڪيس ڪوڙو قرار ڏئي خارج ڪري ڇڏيو هو. هن تصديق ڪئي ته پُٽ کي ٽڪيٽ ملڻ تي ڪنهن کي به پيسا نه ڏنا هئا، نجم ثاقب منهنجي پُٽ سان گڏ پڙهندو هو، ٽڪيٽ جي لاءِ ثاقب نثار سفارش ڪئي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ابوذر چڍڙ کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندي ڪجهه مهينا ئي مس ٿيا آهن. جنهن کي اڳوڻي چيف جسٽس جي چوڻ تي ٽڪيٽ ملي.  هوڏانهن پاڪستان تحريڪ انصاف اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي پُٽ نجم ثاقب ۽ پي ٽي آءِ اميدوار ابوذر جي مبينا آڊيو سامهون اچڻ ۽ ٽڪيٽ لاءِ ڏيتي ليتي جو الزام سامهون اچڻ تي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.