اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ سرڪاري سطح تي ڪڻڪ جي خريداري  بابت اجلاس ٿيو. جنهن ۾ وزيراعظم ڪڻڪ ذخيرو ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪري ڇڏي. وزيراعظم صوبائي ۽ وفاقي کاتن کي آبادگارن کان سڌي ريت ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ان سان آبادگارن کي فائدو ٿيندو، اجلاس ۾ ڪڻڪ جي موجود ذخيري، وفاقي ۽ صوبائي کاتن جي خريداري جي حدف ۽ اڳڀرائي بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم سمورن ادارن کي حدف ۾ اضافي جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته ان سان پوروسال ڪڻڪ جي فراهمي ممڪن ٿيندي، ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم ملڪ ۾ ڪڻڪ جي 2 ڪروڙ 75 لک ميٽرڪ ٽن رڪارڊ پيداوار تي شڪر جو اظهار ڪندي چيو ته گذريل نااهل حڪومت جي  بدانتظامي سبب پاڪستان ڪڻڪ درآمد ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته گذريل حڪومت هارين کي ڀاڻ  ڏيڻ لاءِ ڊگهين قطارن ۾ بيهاريو.هن چيو ته رب پاڪ جي فضل ڪرم سان هن سال ڪڻڪ جي گذريل 10 سالن جي ڀيٽ ۾وڌيڪ پيداوار ٿي. حڪومت طرفان هارين کي معياري ٻج  ۽ ڀاڻ جي فراهمي جي بدولت شاندار پيداوار جو حصول ممڪن ٿيو. ايندڙ سال حڪومت هن کان به وڌيڪ پيداوار لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهي آهي.