لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف ۾ انصاف جي کوٽ جي سوال تي عمران خان ڪاوڙجي پيو، جنهن جي وڊيو وائرل ٿي وئي آهي. پي ٽي آءِ جي حقيقي آزادي ٽرانسميشن ۾ ڪارڪن کي سخت سوال ڪرڻ کان روڪيو ويو. ڪارڪن شير افضل عمران خان کان سوال ڪيو هو ته بونير ۾ توهان جي اپرٽي ۾ انصاف آهي يا نه؟ سوال جو جواب ڏيڻ بدران عمران خان ڪارڪن کان مائيڪ واپس وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. عمران خان چيو ته هي توهان کي ٻڌائڻو آهي ته پارٽي ۾ انصاف آهي يا نه. آئون ڪيئن ٿو ٻڌائي سگهان. ڪارڪن چيو ته بونير ۾ تنظيم آهي پر اختيار صرف ٻن خاندانن وٽ آهن. عمران خان چيوته هي وقت انهن سوالن جو ناهي، هي پارٽي جي ڳالهه ناهي.  عمران خان فيصل جاويد کي چيوته فيصل ڪنهن ٻئي کان سوال وٺ، هي ڪو سوال ئي ناهي. عمران خان جي هدايتن تي ڪارڪن کان مائيڪ کسيو ويو.