ڏيئي (ن پ ا) ڏيئي شهر سميت ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪڻڪ جو اٽو  بليڪ تي وڪرو ٿيڻ لڳو آهي، اٽو 140 کان 170 تائين وڪرو، پورهيت طبقو  سخت پريشان، ان ڏس ۾  ڏيئي شهر ۽کڏهرو موري ۾ ڪڻڪ جو اٽو بليڪ تي وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب غريب طبقو سخت پريشان ٿي ويو آهي،  ان حوالي سان عوامي تحريڪ اڳواڻ مهراڻ درس. امتياز فوجي، ٻين پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته دڪاندارن ڪڻڪ جو اٽو بليڪ ڪري ڇڏيو آهي، پورهيت طبقو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان آهي، هنن چيو ته انتظاميا منافعي خورن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي، نوٽيس وٺي اٽو سستو ڪيو  وڃي.