شڪارپور (رپورٽر) بدامني خلاف سنڌ صحافي اتحاد ضلعي شڪارپور طرفان “اسين گھرون ٿا امن” جي عنوان تحت اعلانيل احتجاج ۾ سياسي، سماجي، مذھبي، ادبي، وڪيل ۽ نوجوان تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن توڙي صحافين جھاز چوڪ وٽ پھچي جاويد راھوجو، سماجي اڳواڻ پنھل ساريو ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي گھنٽا گهر چوڪ وٽ ڌرڻو هنيو ويو.ان موقعي تي سنڌ صحافي اتحاد جي اڳواڻ جاويد راھوجو، رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنھل ساريو، اي جي پي جي مرڪزي اڳواڻ رشيد سڌايو، شڪارپور جي مختلف تنظيمن جي اڳواڻن الاهي بخش شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته  قبيلائي دھشتگردي، بدامني ۽ ڪاروڪاري جي آڙ ۾ بيگناھ ماڻهن جو قتل عام ٿي رھيو آهي، مڙهه کڻي ويندڙ ماڻهو ڦرجي رهيا آهن، عورتن جون تذليل ڪئي پئي وڃي. ھنن چيو ته ڀوتارن جي مرضي سان مقرر ٿيندڙ آفيسرن جوا، منشيات ۽ ڏوھارين سان ڳٺ جوڙ ڪري رڳو مال ڪمايو آهي. ايس ايس پي فيضان جي مقرري دوران ڇھن ماڻهن کي ڦر مزاحمت دوران قتل ڪيو ويو. 5 مھينن دوران ويهه کان وڌيڪ برادرين ۾ ھلندڙ قبيلائي دھشتگردي سبب 50 کان وڌيڪ عورتون ۽ مرد قتل ٿي چڪا آهن. پوليس آفيسرن خلاف ھاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي ويندي. ڊي ايس پي ھيڊڪوارٽر انور شيخ ۽ ڊي آءِ بي انچارج شاھ جھان شاهه مظاھرين سان ڳالهيون ڪري ڌرڻو ختم ڪرايو. ڌرڻي ۾ شڪارپور بچايو تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، جسقم، جسم، اين پ پ، پي ٽي آءِ، جي يو آءِ، تحريڪ لبيڪ پاڪستان، شڪارپور شعور جنون ۽ ٻين تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.