ڏهرڪي (ن پ ا) ڏهرڪي لڳ ڳوٺ حافظ سليمان ۾ اشفاق ملڪ جي زال انيلا ملڪ گهر اندر ڦاهو کائي زندگي جو  انت آڻي ڇڏيو، ان حوالي سان عورت جي وارثن جو چوڻ آھي ته انيلا ذهني مرض جو شڪار هئي، جنهن سبب هن زندگي جو انت آندو آھي، هوڏانهن ڏهرڪي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش کڻائي ڏهرڪي اسپتال آندو، جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو.