حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي مرزا پاڙي وٽ گاهه جي ڪارخاني تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾  پيءُ ۽ سندس پٽ زخمي ٿي پيا. اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو. پڃاري ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ آهي ته ڦليلي جي علائقي مرزا پاڙي وٽ اربع ۽ خميس جي وچ واري رات محمد اڪرم شيخ ۽ سندس پٽ علي شيخ گاهه تي ڪارخاني تي موجود هئا جتي مٿن 2 کان 3 اڻڄاتل هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ ڪري ڏني جنهن دوران پيءُ پٽ زخمي ٿيا. پوليس موجب واقعو پراڻي تڪرار جو نتيجو لڳي رهيو آهي پر هو معاملي جي هر رخ کان جاچ پيا ڪن. علائقي ۾ افواهه آهن ته ڦورن ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي ۽ مزاحمت تي پيءُ پٽ کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪيو. اسپتال ۾ داخل پٽ جي حالت انتهائي خراب ٻڌائي پئي وڃي.