ڏهرڪي (ن پ ا) کينجهو ٿاڻي جي حد ڳوٺ فيض محمد سميجو ۾ زمين مالڪي تان سميجا برداري ۾ جهيڙو ٿي پيو، لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ ڪري ڌرين جا ست ڄڻا عبدالستار، ابوذر، ميرحسن، عبدالمالڪ، اسلام الدين، قربان ۽ فرمان سميجو زخمي ٿي پيا، جن کي ڏهرڪي جي سرڪاري اسپتال آندو ويو، اسلام الدين سميجو ٻڌايو ته چار ايڪڙ قبولي زمين تي قابل سميجو وارا قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، ٻي ڌر جي قابل سميجو چيو ته اسلام الدين وارا هڪ بااثر جي زور تي اسان جي زمين تي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي کينجهو پوليس ٻڌايو ته ٻنهي ڌرين جي رپورٽ درج ڪري ورتي آهي وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.