مبارڪپور (ن پ ا) مبارڪپور ڀرسان ڳوٺ درزي بنگلاڻي ۾ بنگلاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ لٺيون ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب ٻنهن ڌرين جا 4 ڄڻا دلمراد، شاهمراد، فخر الدين بنگلاڻي زخمي ٿي پيا، جن کي جيڪب آباد اسپتال منتقل ڪيو ويو، زخمين مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.