لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو ٻيڙو چانڊيو ۾ گهر اندر راند کيڏڻ دوران 3 ورهين جو ٻارڙو امير معاويه ماڇي پاڻيءَ جي حوذ ۾ ٻڏي بيهوش ٿي ويو، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، نينگر جو لاش ضرورين ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. ان موقعي تي فوتي ٻارڙي جي پيءُ محمد صالح ماڇي ٻڌايو ته سندس پٽ گهر اندر راند ڪندي پاڻي جي حوذ ۾ ڪِري پيو، جنهن کي اسپتال داخل ڪرايو جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، هوڏانهن اسپتال انتظاميه طرفان ايمبولينس فراهم نه ڪرڻ تي وارث فوتي ٻارڙي جو لاش چنگچي رڪشا ۾ کڻائي ويا، نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ روڄ راڙو مچي ويو.